داغ ٽکڙائي

داغ ٽکڙائي:برک سنڌي شاعر داغ ٽکڙائيءَ جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد عثمان سمو هو. هن 1334هه/ 1916ع ڌاري ٽکڙ (موجوده ٽنڊي محمد خان ضلعي) ۾ جنم ورتو. محمد ابراهيم سمو، شاعريءَ ۾ ’داغ‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو ۽ اڳتي هلي اهو تخلص سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. هن ابتدائي تعليم ان وقت جي رواج موجب مدرسي مان پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان ئي سندس طبيعت شاعراڻن خيـالـن ڏانـهـن مـائـل هـئـي ۽ کـيـس علم ادب سان ذوق هو. ويهن سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد حافظ عبدالله ’بسمل‘ هو. داغ ٽکڙائيءَ جي شاعري عروضي فن موجب پختي آهي. هن ڪافي، غزل ۽ ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو